تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-05-08 عيسوي تاريخ ۾


1914.05.08ع :  شاعر عبدالله خان ’همدم‘ ولد محمد يوسف چانڊيي، 8 مئي 1914ع تي ميهڙ شهر، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1935.05.08ع :  زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳواڻ عبدالمجيد ولد الھداد خان نظاماڻي جو جنم 8 مئي 1935ع تي ڳوٺ باق... وڌيڪ پڙهو 1942.05.08ع :  سهراب ڪائوسجي 8 مئي 1942ع کان 11 مئي 1943ع تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو چونڊيل ميئر به رهيو. ... وڌيڪ پڙهو 1942.05.08ع :   سيد عالم شاهه ولد علي مير شاهه، مٽيارين جي عيسي پوٽه ساداتن مان مشهور سياسي شخصيت آهي. هن 8 مئي 194... وڌيڪ پڙهو 1971.05.08ع :  ناليوارو ڊرامانگار شاهنواز ولد حاجي سچي ڏنو ڀٽي، 8 مئي 1971ع تي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد)، ضلعي ميرپ... وڌيڪ پڙهو 1994.05.08ع :  سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا بهار اديب، دل جي دوري پوڻ ڪري، 8 مئي 1994ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1998.05.08ع :  عبدالله ڪڇي ولد فقير محمد 1940ع ڌاري ڪلري، لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. 8 مئي 1998ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو 2018.05.08ع :  ڀڳوان کلناڻي 8 مئي 2018ع تي پمپري، پوني (ڀارت) ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** اعجازالحق قدوسي **

اعجازالحق قدوسي: محقق، تاريخدان ۽ شاعر. اعجازالحق قدوسي، جولاءِ 1905ع ۾ جالنڌر (ڀارت) ۾ ڄائو. شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ جي اولاد مان آهي. ديني علمن جي تڪميل هندستان جي مشهور ديني درسگاهه مظاهرالعلوم سهارنپور ۽ مدرسه دينيات سرڪار عالي حيدرآباد دکن مان ڪيائين. 1951ع ۾ ڀارت مان پاڪستان لڏي آيو. سندس عمر جو وڏو حصو علمي ادبي ادارن، خاص طرح سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪندي گذريو. سندس اصل موضوع تاريخ ۽ تذڪرا آهن. پنهنجي لکڻين ۾ تحرير جي فن جو خاص خيال رکيو اٿس. شعر گوئيءَ ۾ سندس حيثيت ٻئي درجي جي آهي. ’تذڪره صوفياءِ سنڌ‘، ’تذڪره صوفياءِ پنجاب‘، ’تذڪره صوفياءِ بنگال‘، ’تذڪره صوفياءِ سرحد‘، ’شيخ عبدالقدوس گنگوهي اور ان ڪي تعليمات‘، ’تزڪ جهانگيريءَ جو اردو ترجمو ۽ حاشيا‘ (2 جلد)، ’تاريخ سنڌ‘ (3 جلد، اردو)، ’اقبال اور علماء پاڪ و هند‘، ’تاريخ مغربي پاڪستان‘ ۽ ‘رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم ڪي صاحبزاديان‘ سندس اهم تصنيفون آهن. سندس خود نوشت سوانح حيات ”ميري زندگي ڪي 75 سال“ مڪتبه اسلوب، ڪراچيءَ 1988ع ۾ شايع ڪئي آهي.....وڌيڪ پڙهو